Untitled Document
24 آگسٽ2011
انڊس ايڪوريجن اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ڏهون اجلاس



ڪراچي ( 24 آگسٽ): انڊس ايڪوريجن اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو ڏهون اجلاس سنڌ سرڪار جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ 24 آگسٽ 2011 تي منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت چيف اڪنامسٽ ڊاڪٽر قاضي مسعود احمد ڪئي.
انڊس فار آل پروگرام جي ٽيم ليڊر محترم ربنواز پروگرام جو تعارف پيش ڪيو، جيڪو سڀني ڌرين جي سهڪار سان سنڌ پرڳڻي جي چئن ماڳن ڪيٽي بندر، ڪينجهر ڍنڍ، چوٽياري ريزروائر ۽ پئي ٻيلي ۾ هلي رهيو آهي. هن ماحولي خطي جي بنيادي مول متن تي روشني وڌي، جن ۾ فطرت جو تحفظ، پروگرام جا مقصد، ادارا سازي ۽ عملدرآمد جو طريقي ڪار شامل آهن.
اجلاس دوران انڊس فار آل پروگرام جي جنوري 2011 کان جولاءِ 2011 تائين جي ڪارڪردگي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي انڊس فار آل پروگرام جي پروگرام ڪو آرڊينيٽر محترم ناصر علي پنهور بريفنگ ڏيندي چيو ته 1972 وارو سنڌ وائيلڊ لائيف آرڊيننس مختلف ماهرن ۽ ادارن جي مشاورت سان ترميم ڪري قانوني کاتي ڏانهن موڪليو ويو آهي. هن چيو ته نيچرل رسورسز مينيجمينٽ جي منصوبي تحت ڪيٽي بندر ۾ مقامي ماڻهن جي مدد سان ڪيڪڙن جي واڌ ويجهه جو جوڳو انتظام ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ڪينجهر ڍنڍ ۾ غير مقامي ٻوٽن جي صفائي لاءِ پڻ خاص اپاءَ ورتا ويا آهن. جڏهن ته چوٽياري ۾ لسي کل واري لڌڙي جي تحفظ لاءِ پنجن ماڳن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته پئي ٻيلي ويجهو ڳوٺ ۾ ڊرپ آبپاشي نظام شروع ڪيو ويو آهي. ذريعا معاش جيبهتري واري منصوبي تحت ڪينجهر ڍنڍ جي ويهن مهاڻن کي مڇيءَ جا ڄار ۽ مٽڪا پڻ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ڪيٽي بندر ۾ ٽيهن مهاڻن کي هوائي سڙهه ۽ انجڻيون فراهم ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه پئي ٻيلي جي ڳوٺن ۾ هڪ ڪمپيوٽر سينٽر ۽ ٻه گهرو بيڪريون لڳائي ڏنيون ويون آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته چوٽياري ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي قائم ڪيل معلوماتي سينٽرن جو باقاعدي افتتاح ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ چئني ماڳن تي مقامي ميلا لڳائڻ کان علاوه ماحولياتي ڏينهن ۽ وڻڪاري بابت مقامي ماڻهن ۾ بيداري پڻ پيدا ڪئي وئي آهي.
اجلاس دوران ڊبليو ڊبليو ايف پاران موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ واري منصوبي جي مئنيجر محترمه خديجا ظهير منصوبي جو تعارف پيش ڪيو. هن ٻڌايوته پنج سالا منصوبي لاءِ مالي سهڪار يورپي يونين ڪري رهي آهي، جيڪو ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ جيوڻي ۾ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن منصوبي جا چار اهم نڪتا آهن، جن ۾ سامونڊي ماحولي سرشتو، تمر جا ٻيلا، فطرتي وسيلن تي ڀاڙيندڙ ذريعا معاش ۽ مقامي ماڻهن ۾ ماحولياتي تبديليءَ بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي.اجلاس ۾ ناڻي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري محترم آصف اڪرام، لوڪل گورنمينٽ جي اسپيشل سيڪريٽري محترم ايم سليمان چانڊيو، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي ڊپٽي سيڪريٽري محترم حيدر رضا خان، سينيئر چيف واٽر اينڊ ڊرينييج، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محترم فضل احمد نظاماڻي، ڊي جي فشريز محترم غلام محمد مهر، ڊي سي او سانگهڙ محترم احمد بخش کوکر، اي ڊي او ورڪس اينڊ سروسز ٺٽو محترم شفيق الرحمان، آءِ يو سي اين جي ڊائريڪٽر ڪوسٽل پروگرام محترم طاهر قريشي، ڊائريڪٽر ايف پي سي سي آءِ محترم احمد زمان خان، سيڪريٽري زراعت جي نمائندي محترم اعظم چني، ڊي جي ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نمائندي محترم شهريار قاضي، اين آر ايم ڪوآرڊينيٽر محترم اميد خالد، مئنيجر پاليسي اينڊ پارٽنرشپ فنڊ محترم الطاف شيخ، ، مئنيجر ڊبليو ڊبليو ايف سنڌ جي محترم سڀاش دواني ۽ انڊس فار آل پروگرام ڪميونيڪيشن آفيسر محترم آصف سنديلي پڻ شرڪت ڪئي.

Untitled Document Publications