Untitled Document

هوم: (Home)
اڪثر پڇيا ويندڙ سوال FAQs

س 1. جي 200 (G200) ڇا آهي؟
ج. جي 200 ماحولي خطا سڏجي ٿو ڊبليو ڊبليو ايف جي ان عالمي پيش قدميءَ کي جيڪا هن تنظيم يونائيٽيڊ نيشنس انوائرمينٽ پروگرام (UNEP) برڊ لائيف انٽرنيشنل (BLI) ۽ نئشنل جياگرافڪ سوسائٽيءَ سان گڏجي هن ڌرتيءَ تي موجود اهڙن خطن جي سڃاڻپ ڪئي ۽ اهي متعارف ڪرايا جيڪي ماحولياتي اهميت رکندڙ ۽ گوناگون جيوت جي نمائندگي ڪندڙ آهن. سنڌو ماحولي خطو، دنيا جي 40 ترجيحي ماحولي خطن منجهان هڪ آهي. ڊبليو ڊبليو ايف - پاڪستان لاڳاپيل ڌرين جي صلاح ۽ سهڪار سان سنڌو ماحولي خطي جو هڪ اهڙو 50 ساله تصور سرجيو آهي ته جيئن انهن جي سانڍ لاءِ هڪ گڏيل عملي پروگرام هلائي سگهجي.
س 2. ماحولي خطو ڇا آهي؟
ج. ماحولي خطو سڏجي ٿو، زمين يا پاڻيءَ جي هڪ اهڙي وڏي خطي / علائقي کي جنهن ۾ جاگرافيائي لحاظ کان قدرتاً، انيڪ قسمن جا رهواسي / جاندار موجود ٿين ٿا ۽ اهڙي خطي ۾:

الف)

”جاندارن جي مختلف قسمن / جنسن (Species) جي هڪ وڏي اڪثريت هڪ ٻئي سان گڏ رهي ٿي ۽ ماحولياتي سرگرمين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿي؛

ب)

اهي ساڳين ماحولياتي حالتن ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿا ۽؛

ٻ)

ماحولياتي لحاظ کان هڪ ٻئي تي اهڙو اثر ۽ تاثير ڪندڙ ٿين ٿا جيڪو سندن ڊگهي عرصي جي پائداريءَ لاءِ اهم ٿئي ٿو“.

http://www.worldwidlife.org/scienco/ecorogions.cfm


س 3. ڇا اهڙو ڪو مخصوص معيار / ڪسوٽي آهي جنهن تحت ڪنهن خطي کي ’ماحولي خطو‘ قرار ڏنو وڃي ٿو؟
ج. ڪنهن به ماحولي خطي جي چونڊ هيٺئين ڪسوٽيءَ تي ڪئي وڃي ٿي:

Untitled Document Publications