Untitled Document

پناهه گاهون (Protected Areas)

 


کيرٿر نئشنل پارڪ (Khirthar National Park)
کيرٿر نئشنل پارڪ، پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو ۽ ملڪ جو پهريون نئشنل پارڪ آهي جنهنکي اقوام متحده 1975 ۾ دنيا جي نئشنل پارڪن ۾ شامل ڪيو. کيرٿر نئشنل پارڪ ڪراچيءَ جي اتر ۾ 80 ڪلوميٽرن ۽ سنڌ صوبي جي ڏکڻ - اوڀر ۾، دادوءَ ۽ ملير ضلعن ۾ آهي.
کيرٿر، ڪيترن مختلف قسمن جي پکين، ٿڻائتن ۽ رڙهندڙن (reptiles) جانورن جي جوءِ هجڻ کانسواءِ هن پارڪ ۾ جانورن جون اندازاً 276 جنسون / اسپشيز ڏٺيون ويون آهن. جن ۾ گڊ (Sindh Ibex) ، سرهه (Urial) ، هرڻ (Chinkara) ، بگهڙ (Wolf) ، چراغ (Striped hyena) ۽ ڦيڪاري / سياهه گوش ٻلو (Caracal cat) ، رڙهندڙن (Reptiles) ۾ ازدها/ ارڙ (Rock Python) ڪاريهر (Sindh Cobra) ، لنڊي (Russell’s viper) ، کپر (Saw scaled viper) ، پيئڻ بلا (Sindh Krait) ، رائل ريٽ سنئڪ (Royal rat snake) ، ڪڇون (Tortoises) ، ڳوهه (Monitor lizards) ، واڳون (Sindh crocodile) ، (شايد ته ناپيد ٿي ويل)  ۽ ڪيترن قسمن جون ڪرڙيون (Lizard) ۽ سانڊا (Chameleon) ٿين ٿا.
جڏهن ته نباتات ۾ مکيه کومڀٽ (Acacia senegal) ، ٻٻر (Acacia nilotica) ، ڪنڊي (Prosopis cineraria) ، لوهيڙو (Tecomella undulata) ، لاڻي (Zizyphus nummularia) ، ڪاميفورا (Commiphora) ، اسٽاڪسيانا (Stocksiana) ، ڪاميفورا وٽي (Commiphora wighgtii) ۽ ڪرڙ (Capparis deciduas) ٿين ٿيون.
کيرٿر نئشنل پارڪ ثقافتي ورثي سان مالا مال آهي. دنيا جو مشهور ۽ شاهي رني ڪوٽ، تونگ ۾ موجود 18 صديءَ جي چوڪنڊي طرز جا مقبرا ۽ ڪوٽ تراش جي تاريخي دور کان اڳ جا قديم آثار به هن ئي پارڪ ۾ موجود آهن.
(ذريعو: سنڌ وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ)

 


جهنگلي جيوت جون پناهه گاهون / رکون (Wildlife Sanctuaries)
سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جون 33 رکون آهن.


نمبر

رک / پناهه گاهه

ضلعو

ايراضي هيڪٽرن ۾

1

ٽڪر

خيرپور

43,513.334

2

هُڏيرو ڍنڍ

ٺٽو

13,468.416

3

ڪينجهر ڍنڍ

ٺٽو

1,320.940

4

هاليجي ڍنڍ

ٺٽو

1,704.273

5

لنگهه ڍنڍ

لاڙڪاڻو

19.179

6

ڊرگهه ڍنڍ

لاڙڪاڻو

164.268

7

محال ڪوهستان

دادو

70,577.090

8

حب ڊئم

ڪراچي

27,219.151

9

گوندڪ ڍورو

جيڪب آباد

30.92

10

مياڻي ڍنڍ

حيدرآباد

56.66

11

سامزو ڍنڍ

حيدرآباد

22.66

12

گلشير ڍنڍ

حيدرآباد

24.282

13

ڌونڪ بلاڪ

شڪارپور

2,097.965

14

لاکاٽ

شهيد بينظير آباد (نوابشاهه)

101.175

15

ڪوٽ ڌڱاڻو

شهيد بينظير آباد (نوابشاهه)

30.252

16

محبت ديرو

شهيد بينظير آباد (نوابشاهه)

16.188

17

بجورو ڇڇ

ٺٽو

121.41

18

نورنگ

ٺٽو

242.82

19

ڪٽ منارڪي ڇڇ

ٺٽو

404.70

20

سدناڻي

ٺٽو

83.772

21

شاهه لانڪو

ٺٽو

60.705

22

هلايا

ٺٽو

323.76

23

ماجيران

ٺٽو

24.282

24

گليٽ ڪوهري

ٺٽو

40.47

25

مارڪو ڪوٽڙي

ٺٽو

161.88

26

منارڪي

ٺٽو

12.141

27

کڏي

ٺٽو

80.94

28

ڪيٽي بندر اتريون

ٺٽو

8,948.322

29

ڪيٽي بندر ڏاکڻون

ٺٽو

23,046.06

30

کٽ ڍورو

لاڙڪاڻو

10.522

31

رڻ ڪڇ

بدين ۽ ٿرپارڪر

320436

32

نارا ريگستان

سکر، خيرپور ۽ سانگهڙ

223590

33

ديهه آڪرو - II

شهيد بينظير آباد (نوابشاهه)

20243

 

رکون / شڪار جون پناهه گاهون (Game Reserves)
سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي، سنڌ صوبي ۾ هيٺيون 13 رکون ڄاڻايون آهن:


نمبر

رک / پناهه گاهه

ضلعو

ايراضي هيڪٽرن ۾

1

ديهه جنگيسر

ٺٽو

131,642

2

ديهه خليفا

ٺٽو

428.982

3

دوسو ٻيلو

لاڙڪاڻو

2,312.212

4

هالا جو ٻيلو

حيدرآباد

953.473

5

سنڌو درياءُ (ٻلهڻ جي رک) سکر کان گڊو بئراج تائين

جيڪب آباد، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ سکر

44.200

6

کپري جو ٻيلو

سانگهڙ

3,885.254

7

مندو ديرو ٻيلو

سکر

1,234.335

8

ميرپورساڪرو ٻيلو

ٺٽو

777.024

9

نارا

خيرپور

109,966.39

10

پئي ٻيلو

شهيد بينظير آباد (نوابشاهه)

1,969.270

11

صاحب سمون ٻيلو

حيدرآباد

348.473

12

سرجان، سمبڪ، اِري ۽ هوٿياڻ جبل

دادو

40,631.88

13

ٽنڊو مٺو خان ٻيلو

سانگهڙ

5,343.294

(ذريعو: جهنگلي جيوت کاتو سنڌ)
 

Untitled Document Publications