Untitled Document

مکيه ماحولي سرشتا (Major Ecosystems)

 


ساحلي علائقا (Costal Areas)
هي سامونڊي علائقو اندازاً 350 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جنهنکي انڊس ڊيلٽا / ڪريڪ ۽ ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
سامونڊي علائقن جي چوگرد مکيه ساوڪ تمر جي ٻيلن جي آهي. تمر، مختلف قسمن جي مڇين، جهينگن، کيکڙن ۽ ٻيءَ ڪيتري اڪرنگهائي جيوت (Invertebrates) جي واڌ ويجهه ۽ مڇين کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ لاءِ گهڻي اهميت وارو پڻ آهي. جيئن ته سامونڊي علائقي ويجهو يا ان جي چوگرد رهندڙ ماڻهن جي گهڻائي مڇي مارڻ ۽ مڇيءَ سان لاڳاپيل ڌنڌو ڪري ٿي، تنهنڪري تمر جي ٻيلن جو قومي اقتصاديات ۾ هڪ تمام اهم حصو آهي. هتي، تمر جي وڌ ۾ وڌ عام 99% سيڪڙو جنس اويسينا مئرينا (Avicennia marina) ٿئي ٿي، جنهنکي خاڪي تمر به سڏجي ٿو.
ساحلي آبگاهن / ويٽ لئنڊن تي پرديسي پکين خاص طور تي آبي پکين جو هڪ وڏو تعداد اچي ٿو. ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري سان ٻن قسمن جون ڪميون سائي ڪمي (Cheldnoia mydas) ۽ زيتوني ڪمي (Lopido chely) پڻ ٿئي ٿي.
سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ٿيندڙ گوناگون جيوت کي وڌ ۾ وڌ خطرو غلاظت جو آهي. صنعتي غلاظتون ۽ زرعي زمين مان وهي ايندڙ پاڻي، سمنڊ ڪناري ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ کي غليظ ڪرڻ جو مکيه ذريعا آهن. صنعتي غلاظتن ۾ موجود شيهو، پارو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ڳورا ڌاتو جيڪي گهڻي ڀاڱي چمڙي رڱڻ جا ڪارخانا خارج ڪن ٿا سامونڊي جيوت لاءِ گهڻا هاڃيڪار ٿين ٿا. هڪ اندازي موجب ساليانو 37,000 ٽن صنعتي غلاظت ڪراچيءَ جي ساحلي علائقي ۾ خارج ڪئي وڃي ٿي، ان کانسواءِ ساليانو 20,000 ٽن تيل به ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري، گودي ۽ مڇي واري هنڌ تي وهي اچي ٿو.

 


دريائي ٻيلا (Reverine Forests)
سنڌ ۾، دريائي ٻيلا سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپرن سان ٿين ٿا. انهن جي سدا قائم رهڻ جو سڄو مدار درياءَ جي پائڻ تي ٿئي ٿو. تنهنڪري دريائي ٻيلن جو وجود رڳو ۽ رڳو سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي وهڪري، تيزيءَ ۽ جهجهائپ سان لاڳاپيل ٿئي ٿو.
درياءَ سان گڏ وهي ايندڙ لٽ سبب ڪيترن قسمن جي جنسن؛ ڪمند (Saccharum bengalense) ، ڪمند (Saccharum spontaneum) ، لئي (Tamarix dioica) ، لئي (Tamarix indica) ۽ سفيدو (Populus euphratica) کي واڌ ويجهه ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙيءَ زمين جي زور وٺڻ سان ٻٻر (Acacia nilotica) ۽ ڇٻر (Cynodon dactylon) ٿين ٿيون. جڏهن ته خشڪ حالتن ۾ ڪنڊي (Prosopis cineraria) ، ڄار / کبڙ (Salvadora persica) ، کٻڙ (S. oleoides) ، ڪرڙ (Capparis deciduas) ، کومڀٽ (Acacia senegal) ، ٻاوري (A. jacquemontii) جنسون ٿين ٿيون. دريائي ٻيلا، سنڌ جي ٻيلن جو نه رڳو وڏو سهارو پر هزارين ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو به ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته، انهن مان ٻارڻ، عمارتي ڪاٺ، چارو، ماکي ۽ ٽئنن حاصل ڪيو وڃي ٿو. انهن سڀني وکرن کانسواءِ اهي ٻيلا ڪاربان گئس گڏ ڪرڻ جا ڀنڊار به ٿين ٿا ته آس پاس جي علائقي کي ٻوڏن جي زور کان به بچائين ٿا.
جڏهن ته هاڻ، گذريل ڪيترن سالن کان وڏي ۾ وڏيءَ ٻوڏ دوران به جملي دريائي ٻيلن جو رڳو 50% مس ٻڏي سگهي ٿو. جنهن سبب دريائي ٻيلن جي ايراضيءَ ۾ تشويشناڪ حد تائين گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ کاراڻ گهٽ برداشت ڪندڙ جنسون جهڙوڪر ختم ٿي ويون آهن. جيڪڏهن ساڳئي صورتحال برقرار رهي، نوان ڊئم ۽ نيون بئريجون ٺاهيون ويون ته اڃان به وڌيڪ تباهي ٿيندي. جنهن سبب موجوده ٻيلن جو رڳو 20% پائجي سگهندو.

 


سنڌ جي تازي پاڻيءَ جون ڍنڍون (Freshwater Lakes in Sindh)
سنڌ ۾ پاڪستان جي تازي پاڻيءَ جون ٻه وڏيون ڍنڍون ڪينجهر ۽ هاليجي موجود آهن. اهي ڍنڍون بين الاقوامي سطح تي ان سبب به اهم آهن جو انهن تي سياري جي مند ۾ انيڪ قسمن جا آبي پکي واهيرڻ، واڌ ويجهه ڪرڻ ۽ انهن کي اڏام - لنگهه طور استعمال ڪن ٿا. سياري ۾ ايندڙ اهڙا ڪجهه پکي جيڪي انهن ڍنڍن تي ايندي ڏٺا ويا آهن انهن ۾ بدڪون (Ducks) ، هنج (Geese) ، ساحلي پکي (Shorebirds) ، لاکي ڄاڃي (Flamingos) ، ڪائنرا (Cormorants) ، بگا / ٻگهه (Herons) ، ڪنگ (Egrets Ibises) ، آڙيون (Coots) ، ڪينا (Gulls) ۽  (Terns) وغيره آهن.
تازي پاڻيءَ جون ڍنڍون پيئڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهن ته منجهن مڇي به ٿئي ٿي. هڪ اندازي موجب، سنڌ جي تازي پاڻيءَ جي ڍنڍن ۾، پاڪستان ۾ جملي ٿيندڙ مڇين جو 65% ٿئي ٿو ۽ مڇين جا 120 قسم رڳو سنڌ جي تازي پاڻيءَ جي ڍنڍن ۾ ٿين ٿا.
جڏهن ته سنڌو درياءَ جي گهٽجندڙ وهڪري سبب انهن تي مدار رکندڙ آبگاهن کي سخت ڇيهو رسي رهيو آهي. پاڻيءَ جي گهٽجندڙ مقدار، ڪوٽڙي صنعتي علائقي جو غليظ پاڻي ۽ آسپاس جي وسندين جي ڪسين ۽ گند ڪچري سبب ڪيترن قسمن جي مڇي ۽ ساوڪ جي مقدار ۾ گهٽائي ٿي آهي ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي گوناگون جيوت به گهٽجي رهي آهي. ساڳئي خطري ۾ هاليجي ڍنڍ به آهي جو اها پڻ هاڻ آهستي آهستي ڪني ڍنڍ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ هاليجي ڍنڍ غذائيت سان مالامال آهي، منجهس جهجها ٻوٽا ٿين ٿا پر تنهن هوندي به آڪسيجن جي اڻاٺ سبب منجهس موجود آبي جانور خطري ۾ آهن.

 


کاريون ۽ ٻاڙيون ڍنڍون (Brackish and Salt Lakes)
سنڌو ماحولي سرشتي ۾ ڪيتريون ئي کاريون ۽ ٻاڙيون ڍنڍون ٿين ٿيون جهڙوڪ: ڊرگهه، جهٻو ۽ نرڙي ان کانسواءِ ديهه آڪرو ‐ II ويٽلئنڊ ڪامپليڪس ۾ مندائتين يا دائمي ڍنڍن جو هڪ وڏو تعداد پڻ ٿئي ٿو.
ڊرگهه ننڍي، ڪجهه ٻاڙي، گهڻي پوسلي لاڙڪاڻي جي الهندي ۾ 18 ڪلوميٽرن تي آهي. هر سال سياري جي مند ۾ هن ڍنڍ تي 20,000 کان مٿي آبي پکي جن ۾ گهڻي ڀاڱي بدڪون (Ducks) هنج (Geese) ۽  آڙيون (Coots) اچن ٿيون. هيءَ ڍنڍ ڪيترن قسمن جي آبي پکين جي واهيرڻ ۽ سياري گذارڻ جو ماڳ ته ڪوڪڙاٽ پکيءَ جو هڪ اهم واهيرو پڻ آهي. 1972ع ۾ هن ڍنڍ کي جهنگلي جيوت جي رک ۽ 1976 ۾ رامسر ماڳ جو درجو ڏنو ويو.
جهٻو ڍنڍ، قدرتي آبگاهه جو هڪ سٺو مثال آهي. هيءَ ڍنڍ ٻاڙي، سامونڊي کاري، زميني ٻاڙي ۽ مڊفلئٽس (mud flats) جو سنگم آهي. اصل ۾ هيءَ هڪ اهڙي وڏي تراکڙي کاري ڍنڍ آهي جنهن ۾ ڪيتريون مڊفلئٽس ۽ مڃر (marshes) ٿين ٿيون. هي ماڳ پتيجي، چولري ۽ نرڙي آبگاهن سان ڳنڍيل آهي. هن آبگاهه جي مٿاهن حصن تي کاراڻ برداشت ڪندڙ ٻوڙا ٿين ٿا. مقامي ماڻهو هن ڍنڍ مان مڇي مارين ۽ اتي مال چارين ٿا. هي آبگاهه سياري گذارڻ لاءِ ايندڙ آبي پکين لاءِ عام طور تي ۽ مختلف قسمن جي لاکي ڄاڃين ۽ پيئڻ پکيءَ لاءِ خاص طور تي هڪ اهم ماڳ آهي. ننڍو لاکي ڄاڃي ۽ پيئڻ هن وقت خطري ۾ آهن. پکين جي وڏي پئيماني تي شڪار ڪرڻ سبب ڪيترن قسمن جي پرديسي پکين جي تعداد ۽ قسم ۾ گهٽتائي آئي آهي. ٽائيڊل لنڪ ڪئنال جي اڏجڻ سان سامونڊي پاڻيءَ جي ٿيندڙ چاڙهه سبب تازي پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ ٻوٽن جي واڌ ويجهه گهٽجي ويئي آهي. زرعي زمينن تان وهي ايندڙ ڪني پاڻيءَ سبب پڻ هن علائقي جي گوناگون جيوت تباهه ٿي وئي آهي.
نرڙي، بدين ضلعي جي گولاڙچي سب ڊويزن ۾ ڪراچي کان 190 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هيءَ هڪ اهڙي قدرتي آبگاهه جو سنگم آهي جنهن ۾ سامونڊي ڪناري جي کاري ۽ زميني ٻاڙي پاڻيءَ سميت اترئين پاسي بنجر مڊفلئٽس موجود آهن. هن ماڳ تي هر سياري ۾ پرديسي پکين جو مسلسل هڪ وڏو تعداد ايندو رهي ٿو. هتي جن مختلف قسمن جي پکين جون جنسون ڏٺيون وڃن ٿيون تن ۾ لقلق، ڊُوم (Snipes) ، ڪانيرو (Crested tern) ، بدڪون (Ducks) ۽ ڪينا (Gulls) شامل آهن. نرڙي پاڻ ۾ ملندڙ چئن تراکڙن آبگاهن تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ تي ساوڪ گهڻي ڇڊي ٿئي ٿي. هيءَ کاري ڍنڍ جهٻي، پتيجي ۽ چولري آبگاهه سان ڳنڍيل آهي. اهي سڀ آبگاهه هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ آخر ۾ ٽائيڊل لنڪ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. هن ڍنڍ جو پاڻي کارو ٿئي ٿو. هن علائقي ۾ سمنڊ پائڻ سبب کاراڻ ۽ لٽ ۾ واڌارو ۽ ٽائيڊل لنڪ جي اثر سبب پاڻيءَ جي سطح ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. هي ماڳ تحفظ هيٺ ناهي. وڌندڙ آدمشماري جو گهٽجندڙ قدرتي وسيلن تي پوندڙ دٻاءَ سبب هي آبگاهه وڏي دٻاءُ هيٺ آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران هت مڇي مارڻ ۽ غير قانوني شڪار ۾ ڊرامائي واڌارو ٿيو آهي. انهن ڳالهين کانسواءِ زرعي ۽ صنعتي غلاظت، صورتحال وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي آهي.
ديهه آڪرو‐ II ويٽ لئنڊ ڪامپليڪس، ڪراچيءَ کان 330 ڪلوميٽرن تي بينظير آباد (نوابشاهه) ضلعي جي اتر اوڀر ۾ آهي. هن ڪامپليڪس ۾ 36 ڍنڍون ۽ اهي گهڻي ڀاڱي ٻاڙيون آهن. هي ڪامپليڪس چئن مکيه قسمن جي ماڳن جو ميلاپ آهي جيڪي آهن: ريگستان، آبگاهه، مڃر ۽ زرعي زمينون. هي ڪامپليڪس، ريگستاني آبگاهه ماحولي سرشتي جي مثالي نمائندگي ڪندڙ آهي جيڪا ڪيترن قسمن جي ڪمياب ۽ خطري ۾ رهندڙ جهنگلي جيوت جي پالنا ڪري ٿي. جملي، هي آبگاهه 18 کان مٿي ٿڻائتن، 16 رڙهندڙن (reptiles) ، 14 مڇين ۽ 101 قسمن جي پکين جي پالنا ڪري ٿي. هي ماڳ باقاعدي 20,000 کان مٿي آبي پکين جي واهر ۽ واڳن جي ننڍڙي آبادي کي به پاليندو رهي ٿو. ساڳئي وقت ڪيترن قسمن جي مقامي مڇين جي پرورش ۽ واڌ ويجهه ڪرڻ جو به هڪ اهم ماڳ آهي. هن ماڳ جي هڪ خاصيت منجهس وارياسين ڀٽن هجڻ جو به آهي. جت وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا سٺي واڌ ڪن ٿا. هت زرعي زمينون ننڍن ٽڪرن ۾ آبپاشي رستي ريگستان سان گڏ آباد ٿين ٿيون. هن آبگاهه ۾ آبي پکي، واڳون، لڌڙو ۽ مڇي ٿئي ٿي. هتان جي آبگاهن تي، ننڍي پئماني تي آبپاشيءَ رستي زراعت ڪئي، پيٽ گذر لاءِ مڇي ماري، جاندارن جي سانڍ جي تعليم ڏني ۽ سائنسي تحقيق ڪئي وڃي ٿي. هن آبگاهه کي 1998 ۾ جهنگلي جيوت جي رک / پناهه گاهه قرار ڏنو ويو.

 


ريگستان (Desert)
سنڌ جو ريگستاني علائقو اندازاً 68,000 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي جنهن ۾ ٿر، نارا ۽ ڪوهستان اچي ٿو.
ٿر جو علائقو گهڻي ڀاڱي ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ ۾ 23,000 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ۽ انجي هڪ ملين آدمشماري آهي. ناري جو علائقو 22,000 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل، ڊگهو ۽ ان جو مٿيون حصو چئن ضلعن: سکر، بينظير آباد، خيرپور ۽ سانگهڙ سان ملندڙ آهي. جڏهن ته، ڪوهستان 23,000 ڪلوميٽرن ۾ ۽ ان جا ڪجهه حصا دادو ڄامشورو، لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي سان لڳندڙ آهن.
هن علائقي جا وڏا حصا بنجر ۽ اتي گهٽ مينهن پوڻ سبب گهڻي ڀاڱي خشڪ ساليءَ جهڙيون حالتون رهن ٿيون. ساوڪ ۾ گهڻو تڻو ننڍو جهنگ ٿئي ٿو.
ريگستاني علائقا، پاڪستان جا غريب ترين علائقا آهن جتي صحت ۽ تعليم وغيره جون بنيادي سهولتون موجود ناهن. اتي جي اڪثر آبادي مال ۽ ڍڳيون پالي ٿي. پر جيئن ته وٽن وسيلن جي کوٽ آهي يا اهي محدود آهن، تعليم ۽ سکيا جي اڻ هوند سبب اتان جا مقامي ماڻهو اهڙين ڳالهين مان ڀرپور اقتصادي فائدو حاصل ڪري نٿا سگهن. مال پالڻ جا روايتي طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا جنهن سبب خشڪ ساليءَ جي ڏينهن ۾ گهڻو مال مري وڃي ٿو. جيئن ته پاڻي حاصل ڪرڻ جو مکيه وسيلو وسڪارو ٿئي ٿو تنهنڪري چوپائي مال ۽ زراعت جو سڄو مدار مينهن تي ٿئي ٿو. چوماسي ۾ وسڪاري نه ٿيڻ جو مطلب ٿيو ته، مال ۽ ڍڳين جي لاءِ چاري جي اڻهوند. اهڙو مسئلو سواريءَ جي مڙيوئي سهولتن هجڻ سبب اڃا به وڌي وڃي ٿو جو ٻين پاسن کان چارو آڻڻ گهڻو مهانگو پوي ٿو جيڪو اتان جا مقامي ماڻهو خريد ڪري نٿا سگهن.

 


آبپاشي رستي ٿيندڙ زمين (Irrigated Landscapes)
سنڌ جي زراعت لاءِ آبپاشي هڪ وڏو ذريعو آهي. جڏهن ته هر سال، آبپاشيءَ هيٺ رهندڙ زرعي زمين جي ايراضيءَ ۾ پاڻي جي سُلڀ ۽ اڻلڀ (هوند ‐ اڻهوند) سبب فرق ايندو رهي ٿو. سنڌ جي جملي زراعت واري ڪمانڊ ايريا (زرعي علائقو) 5.1 هيڪٽرن جيتري ۽ 1.3 ملين هيڪٽر غير آباد آهي جيڪا پاڻي هجڻ سبب آباد ٿي سگهي ٿي.
سنڌو درياءَ جو پاڻي سکر، ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراجن رستي آبپاشيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سنڌ صوبي جي ريج واري علائقي کي مکيه پنجن حصن يا خطن ۾ ورهايو ويو آهي جن مان هيٺيان ٽي مکيه زرعي ماحولياتي خطا آهن:
خطو ‐ الف: ساريون / ڪڻڪ سنڌو درياءَ جو ساڄو پاسو (مٿاهين سنڌ)
ننڍو خطو الف- 1 مکيه علائقو
ننڍو خطو الف- 2 زمين جو جابلو لهوارو علائقو (piedmont)
خطو ‐ ب: ڪپهه / ڪڻڪ سنڌو درياءَ جو کاٻو پاسو
ننڍو خطو ب 1 گڊو بئراج ڪمانڊ ايريا
ننڍو خطو ب 2 سکر بئراج ڪمانڊ ايريا
خطو ‐ ٻ: ساريون/ ڪڻڪ / ڪمند هيٺاهين سنڌ
انهن ٽنهي زرعي خطن کانسواءِ خطي ‐ پ ۾ سنڌ جي اڀرندي وارو ريگستان به اچي وڃي ٿو جڏهن ته خطي ‐ ڀ ۾ ٽاڪرو علائقو آهي.
آبپاشيءَ هيٺ رهندڙ علائقن جو هڪ وڏو مسئلو سنڌو درياءَ جو گهٽجندڙ وهڪرو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جتي جتي ممڪن ٿئي ٿو اتان ماڻهو جَر جو پاڻي ڪڍڻ تي مجبور آهن ته جيئن فصل پوکي سگهن. جڏهن ته ائين ڪرڻ سان سم ۽ ڪلر جو مسئلو بدتر ٿيندو رهي ٿو. هڪ ڪاٿي موجب، آبپاشيءَ جي ناقص طريقن استعمال ڪرڻ ۽ نيڪاس جي سهولتن نه هجڻ سبب، سنڌ جي اڌ تي آباد زمين سم ۽ ڪلر سبب متاثر ٿي چڪي آهي. جنهنڪري زرعي پيداوار گهڻي گهٽجي ويئي آهي ۽ اتان جي ماڻهن جي پيٽ گذر تي ناڪاري ۽ خراب اثر پئجي رهيا آهن.

Untitled Document Publications