Untitled Document

اختياري / حڪمراني (Governance)


ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون (DCCs)
انڊس فار آل پروگرام جي ترجيحي ماڳن وارن ٽنهي ضلعن (ٺٽي، سانگهڙ ۽ بينظير آباد) ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. جن جي پروگرام جي نافذ ٿيڻ جي پهرين چند مهينن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪئي وئي هئي. ڊي سي او جون هر ضلعي ۾ هر ٽئين مهيني ميٽنگون ڪيون وڃن ٿيون.
ميٽنگن ۾ ٿيندڙ فيصلا مقامي برادرين جي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ ٿين ٿا. هر ميٽنگ جي صدارت لاڳاپيل ضلعي جو ڊي سي او (DCO) ڪري ٿو. ميمبرن ۾ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر مقامي شهري تنظيمن جا نمائندا ۽ تعليمي ماهر شامل ٿين ٿا.
سنڌو ماحولي خطي جي ڪاروباري ڪاميٽي
صوبائي سطح تي انڊس فار آل پروگرام جي نگراني سنڌو ماحولي خطي جي ڪاروباري ڪاميٽي (Steering committee) ڪريٿي جنهن جي صدارت سنڌ سرڪار جي رٿابندي ۽ ترقي کاتي جو ائڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقي) ڪري ٿو ۽ ان جا لاڳاپيل کاتن جا پنج صوبائي سيڪريٽري جنهن ۾ ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت، ماحوليات، فشريز، آبپاشي ۽ ناڻي جا نمائندگي ڪندڙ ٿين ٿا. ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۽ سنڌ اريگيشن ائنڊ ڊرئنيج اٿارٽيءَ جا سربراهه به اهڙائي ميمبر هجن ٿا جهڙوڪ: تعليمي ادارن، پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان ۽ شهري تنظيمن سميت پاڪستان فشر فوڪ فورم، آءِ يو سي اين، شرڪت گاهه، وومينس رسورس سينٽر ۽ يو اين ڊي پي جي سمال گرانٽس پروگرام جي نمائندگي هجي ٿي.
سنڌو ماحولي خطي جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا فيصلي ڪن نقطا (TORs)

سنڌو ماحولي خطي جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي سب ڪاميٽي
سب ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ جي صدارت سنڌ سرڪار جي فاريسٽ ۽ وائلڊ لائيف کاتي جو سيڪريٽري ڪري ٿو ۽ ان ۾ ٻه صوبائي سيڪريٽري جنهن مان هڪ لائيو اسٽاڪ ائنڊ فشريز ۽ ٻيو اريگيشن ائنڊ پاور کاتي جو نمائندي طور شامل ٿين ٿا. ٻين ميمبرن ۾ ڊائريڪٽر ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي، ائگريڪلچر جو سربراهه ۽ شهري تنظيمن جا نمائندا شريڪ ٿين ٿا.
سنڌو ماحولي خطي جي ڪاروباري ڪاميٽي جي سب ڪاميٽيءَ جا فيصلي ڪن نقطا (TORs)

Untitled Document Publications