Untitled Document

جانور جن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي (Species of special concern)

 

 

ڦاڙهو Hog deer (Axis porcinus)

مقامي نالو:

ڦاڙهو

حالت:

خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو پئي ٻيلو

بيان:
ڦاڙهو هڪ راتوڻو جانور آهي. ٽنگون ننڍيون ۽ جسم ڀريل ٿئيس ٿو. جسم اندازاً 1 کان 1.5 سينٽي ميٽر ڊگهو، ڪلهن وٽان قد 60 - 76 سينٽي ميٽر، پڇ جي ڊيگهه 8 - 12 سينٽي ميٽر ۽ وزن ۾ اندازاً 36- 50 ڪلوگرام ۽ رنگ جو هلڪو ڀورو ٿئي ٿو. جڏهن ته بالغ، عمر سان گڏ رنگ جو پڪو ٿيندو وڃي ٿو. ٻچٽ کي جسم تي سفيد چُٽا ٿين ٿا.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
ڦاڙهي کي انگلش ۾ ”هاگ ڊيئر“ (Hog deer) سڏجي ٿو. مٿس اهو نالو ان سبب پيو آهي جو مرونءَ جيان جهنگ ۾ ڊوڙڻ وقت پنهنجي منڍي هيٺ ڪري ڊوڙي ٿو ۽ ڪرونڊڙو ٿي رڪاوٽون پار ڪندو وڃي ٿو ۽ نه ڪي ٻين هرڻن جيان اهي رڪاوٽون اورانگهي ٿو. خطري ۾ هجڻ واريءَ حالت ۾ سيٽيءَ جهڙو آواز ڪڍي ٿو يا ڦشڪاري ٿو. سٺيءَ طرح سان تري سگهي ٿو. بنا هٻڪ پاڻيءَ ۾ لهي پوي ٿو ۽ چئنل ۽ سنڌو درياءَ وچ ۾ موجود ننڍن ننڍن ٻيٽن تي وڃي ساهي پٽي ٿو.

 


ريگستاني لومڙ   (Desert fox (Vulpes vulpes pusilla)


مقامي نالو:

ريگستاني لومڙ

حالت:

خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو چوٽياريون

بيان:
ريگستاني لومڙ جو جسم خاڪي ناسي بجن سان ڍڪيل ٿئي ٿو، پڇ ڊگهو، بُجر ۽ ان جي چوٽي سفيد ٿئيس ٿي. عام طور تي ڪن جا اندريان پاسا ڪارا ٿينس ٿا.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
ريگستاني لومڙ پاڪستان جي ريگستانن ۽ ميدانن ۾ ٿئي ٿو. اڪيلي سر هلندڙ هي راتوڻو جانور ڏينهن جو ٻرن ۾ لڪي وڃي ٿو. اٽڪلي شڪاري ٿئي ٿو، پنهنجي ٻڌڻ ۽ سنگهڻ جي حس رستي شڪار کي ڳولهي لهي ٿو.

کاڌو ۽ پيدائش جو طريقو:
عام طور تي ننڍا ڪتريندڙ جانور کائي ٿو، جڏهن ته ننڍا پکي، سرڻا (Reptiles) اڏوهي جهڙا جيت ۽ ڪاڪروچ وغيره به شوق سان کائي ٿو. رسيل ميوو جهڙوڪ: ٻيرن جهڙو ڦل ۽ جهنگلي ڇانهيون  به کائي ٿو. سال ۾ هڪ دفعو ٻچا ڏئي ٿو. مادي اندازاً 53 ڏينهن ڍڪي رهي ٿي ۽ سياري جي آخر يا بهار جي شروعات ۾ 4 ‐ 5 ٻلونگڙا ڏئي ٿي.

 


 مڇي خور ٻلو Fishing cat (Prionailurus viverrinus)


مقامي نالو:

مڇي خور ٻلو

حالت:

خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو ڪيٽي بندر، ڪينجهر ۽ چوٽياريون

 

 

بيان:
مڇي خور ٻلي جي جسم تي خاڪي ناسي بج ۽ ان تي گهرا ناسي يا ڪارا چٽا ۽ ڪاريون ليڪون نرڙ کان تارونءَ تائين ٿين ٿيون. جسم ننڍو ۽ سگهاريون ٽنگون ٿينس ٿيون. اڳيان پير ٿورا ڇٻا ۽ چنبن جي جهلي لنڊي ٿئيس ٿي ته جيئن چنبن ڀيڙڻ جي حالت ۾ اهي مڪمل طور تي ڍڪيل نه رهن.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
پاڻيءَ ڀرسان رهي ٿو ته ورلي ڏينهن جو کليل هنڌن تي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته، عام طور تي ڏرن، سَرن يا دريائي ٻيلن ۾ لڪل رهي ٿو. پاڻيءَ اندر ۽ مٿان برجستائيءَ سان تري سگهي ٿو.
کاڌو ۽ پيدائش جو طريقو:
عام طور تي، مڇيءَ جو شڪار ڪري ٿو ته آبي پکي ۽ ڏيڏر به کائي وڃي ٿو. جنوري ۽ فيبروري هن جي لڳ جا مهينا آهن. مادي 63 ڏينهن ڍڪي رهي ٿي ۽ عام طور تي ٻه ٻچا ڏئي ٿي.

 


لڌڙو Indian Otter (Lutrogale perspicillata)


مقامي نالو:

لڌڙو

حالت:

ناپيد ٿيڻ تي

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو چوٽياريون

 

 

بيان:
هن لڌڙي جو جسم ڀريل ۽ ڳورو ٿئي ٿو. پٺيءَ واري پشم اوٺي (sandy-brown) ته پيٽ واري هلڪي بادامي (Sandy buff) رنگ جي ٿئيس ٿي. پڇ سگهارو ۽ طاقتور ٿئيس ٿو. پيرن ۾ ننڍا مڏا چنبا ۽ آڱريون ڇٻيون چمڙيءَ جيان انگهندڙ ٿينس ٿيون.

 

کاڌو ۽ پيدائش جو طريقو:
عام طور تي مڇي کائي ٿو پر جي ڏيڏر، نانگ ۽ ننڍا ٿڻائتا جانور ملي وڃنس ته اهي به ڳڙڪائي وڃي ٿو. پاڻيءَ جي مٿاڇري تان آبي پکين تي جهٽ هڻي پاڻيءَ اندر گِهِلي وڃي ٿو. مادي 60- 63 ڏينهن ڍڪي رهي ٿي ۽ بهار جي مند ۾ عام طور تي 2-4 ٻچا ڏئي ٿي جيڪي 10-11 مهينا ماءُ جا محتاج رهن ٿا.

 


مشڪ ٻلو / کستوري ٻلو Small Indian Civet (Viverricula indica)


مقامي نالو:

مشڪ ٻلو يا کستوري ٻلو

حالت:

ناپيد ٿيڻ تي

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو پئي ٻيلو

 

 

بيان:
مشڪ ٻلو، هميشه هوشيار رهندڙ ۽ ٻليءَ جيان هڪ موهيندڙ جانور آهي. سونڍ چهنبياري ويلڻ جيان ٿئيس ٿي. جسم جو رنگ ۽ ان تي ڪارا چٽا افقي ليڪن ۾ ٿينس ٿا. چنبا تيز، سٺيءَ طرح سان اسريل ۽ نه ڀيڙجندڙ ٿينس ٿا. جيئن ته کيس مشڪ جو غدود ٿئي ٿو ان سبب مشڪ ٻلو سڏجي ٿو. بالغ جو وزن 3 ڪلوگرام، ڊيگهه 45- 63 سينٽي ميٽر ۽ پڇ 42 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئيس ٿو.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
هي راتوڻو جانور آهي، جڏهن ته ڏينهن جو گهڻو وقت ڏر ۾ سمهي گذاري ٿو. جيئن ته انساني آبادي ويجهو شڪار ڪرڻ پسند ڪريٿو تنهنڪري ڳوٺن ويجهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هرکائو (Omnivorous) هجڻ سبب زمين هيٺان جيت، ڪرڙيون ۽ ڪوئا وغيره کوٽي کائي ٿو. وڻن تي چڙهي ميوي ۽ پکين جي آکيرن تائين پهچي وڃي ٿو.
کاڌو ۽ پئدائش جو طريقو:
هر قسم جو کاڌو ميوو، جيت، ڪرڙيون، ننڍا پکي ۽ ٿڻائتا جانور کائي ٿو. راتوڻو هجڻ سبب ڪڪڙيون چورائي وڃي ٿو ان سبب ڳوٺاڻا هن جانور کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا. مادي سال ۾ ڪنهن وقت به ٻچا ڏئي سگهي ٿي ۽ هڪ دفعي سان 3-5 ٻچا ڄڻي ٿي.

 


ٻلهڻ Indus Dolphin (Platanista minor)


مقامي نالو:

ٻلهڻ

حالت:

خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي ۾ سکر کان اوڀارين وهڪري ۾

 

 

 

بيان:
وچولي سائيز جي ٻلهڻ جي منڍي ۽ ڍڍر سميت اندازاً ڊيگهه 1.35 ميٽر ۽ وزن 18-22 ڪلوگرام ٿئي ٿو. چمڙي ملائم ۽ جسم هلڪي خاڪي رنگ جو ٿئيس ٿو. ديد کان محروم هجڻ سبب، انڌي ٻلهڻ سڏجي ٿي.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
درياءَ جي لٽ واري وهڪري تائين محدود رهي ٿي ۽ لُڙ وارن هنڌن کان پري ڀڄي ٿي. گهڻي رلڻي ملڻي هجڻ سبب ڏهن ڏهن جي ٽولين ۾ به ڏٺي وڃي ٿي. ٽڪ ٽڪ جي پڙاڏي رستي درياءَ ۾ رستو لهي ۽ شڪار ڦاسائي ٿي. ٽڪ ٽڪ جو آواز گلي مان ڪڍي ٿي.
کاڌو ۽ پئدائش جو طريقو:
گهڻي ڀاڱي کڳو کائي ٿي ته ورلي (cray fish) جو به مزو وٺي ٿي. اپريل ۽ مئي ۾ لڳ ڪري ٿي ۽ مارچ اپريل ۾ ٻچا ڄڻي ٿي 10- 11 مهينا ڍڪي رهي ٿي.
کاڌو ۽ پئدائش جو طريقو: بَهڻ جا پن، ٻٻر جا گونچ ۽ پيرون. ڪن قسمن جو گاهه مليس ته اهو به کائي ٿو. آگسٽ کان آڪٽوبر تائين لڳ ڪريٿو. مادي 8 مهينا ڍڪي رهي ٿي ۽ عام طور تي مارچ کان جولاءِ جي شروعات ۾ ٻه ڦر ڏئي ٿي.

 


هرڻ Chinkara of Indian Gazelle (Gazzella bennetti)


مقامي نالو:

چٽڪمرو هرڻ

حالت:

ناپيد ٿيڻ تي

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو چوٽياريون

 

 

بيان:
هي نفيس جانور آهي ۽ سندس ٽنگون سنهيون ۽ مضبوط ٿين ٿيون. جسم هلڪو ڳاڙهيڙو بادامي سنهي چلڪندڙ بج سان ڍڪيل ٿئيس ٿي. بالغ نر جو ڪلهن تائين قد 65 سينٽي ميٽر ۽ وزن تقريباً 23 ڪلوگرام ٿئي ٿو. جڏهن ته سڱن جي سراسري ڊيگهه 10 کان 12 انچن (25-30 س م) جي وچـ۾ ٿئيس ٿي. نر جا سڱ، انگريزي اکر ايس (S) جي شڪل جهڙا پوئتي وريل ۽ ڇليدار (ringed) ٿين ٿا. جڏهن ته، ماديءَ جا سڱ سڌا، عام طور تي ننڍا، 10-13 سينٽي ميٽر ۽ بنا ڇلن جي ٿين ٿا.

 


جوءِ ۽ سڀاءُ:
ريگستان ۽ هيٺاهن پٿريلي ٽڪرين ۾ رهي ٿو. ڊگهي عرصي تائين پاڻي پيئڻ بنا به زنده رهي سگهي ٿو. راتوڻو هجڻ سبب رڳو رات جو کاڌي جي تلاش ۾ نڪري ٿو ۽ ڪيترائي ميل ڪري وڃي ٿو، صبح جو ساجهر واپس ريگستان يا دريائي ٽاڪرو علائقي ۾ واپس ٿئي ٿو.

 

کاڌو ۽ پئدائش جو طريقو:
ريگستاني گاهه شوق سان کائي ٿو. سياري ۾ (Calligonum polygonoides) جون سايون ٽاريون ۽ ٻٻر (Acacia jacquemontii) جا پن کائي ٿو. سرنهه (Brassica) ۽ جوئر (Sorghum) جو بيٺل فصل به کائي ٿو. مادي، سال ۾ ٻه دفعا عام طور تي آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ لڳ ڪري ٿي، پنج مهينا ڍڪي رهي ٿي ۽ اپريل ۾ ٻچا ڏئي ٿي.

 


ڇلا مِرون Indian Pangolin (Manis crassicuadata)


مقامي نالو:

ڇلا مِرون

حالت:

خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو ڪيٽي بندر ۽ ڪينجهر

 

 

بيان:
هن جانور جي منڍي ننڍڙي ته سونڍ سنهڙي ۽ ڊگهي ٿئيس ٿي. ڄاڙين ۾ ڏند نٿا ٿينس. سڄو جسم وڏن هڪٻئي تي وريل مڏن چهنبيارن ڇلهڙن سان ڍڪيل ٿئيس ٿو. ٽنگن جي اندرئين پاسن تي ڇلهڙ نٿا ٿينس. پڇ هيٺئين پاسي کان تراکڙو، پٺيان گول ۽ جسم کان ٿورڙو ڊگهيڙو ٿئيس ٿو. پٺيون ٽنگون هاٿيءَ جي پير سان مشابهت رکندڙ ۽ هر هڪ پير ۾ پنج آڱريون ٿينس ٿيون. نَهه، گلابي مائل سفيد ۽ اڳئين ٻنهي پيرن ۾ پنج آڱريون جن مان وچيون ٽي ڊگهن نهن (claws) سان ٿين ٿيون جن کي بچائڻ لاءِ اڳئين پيرن جي ٽڻين (knuckles) تي گهمي ٿو.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
راتوڻو ٿڻائتو جانور آهي. کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي پنهنجيءَ سنگهڻ جي حس تي مدار رکي ٿو. وڻن تي چڙهي سگهي ٿو. ڊپ جي حالت ۾ گول مول ٿي وڃي ٿو. عام طور تي اڪيلائپ پسند ۽ ڏينهن جو ٻرن ۾ گذاري ٿو.
کاڌو ۽ پئدائش جو طريقو:
اڏوهيءَ، ماڪوڙين ۽ انهن جي آنن تي گذران ڪريٿو. لڳ جي مند جي خبر ناهي، جڏهن ته مادي 100 ڏينهن ڍڪي رهي ٿي، عام طور تي هڪ ٻچو ته ورلي جاڙا به ڄڻي ٿي.
گدڙ Asiatic Jackal (Canis Aureus)


مقامي نالو:

گدڙ

حالت:

خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو ڪيٽي بندر، ڪينجهر، پئي ٻيلو ۽ چوٽياريون

 

 

هي گدڙ، ننڍي بگهڙ جهڙو لڳي ٿو. جڏهن ته ننڍين ٽنگن، ننڍي قد، سنهيءَ ٻوٿاڙيءَ ۽ گهڻي بجر پڇ ڪري ان کان مختلف ٿئي ٿو. جسم تي کهري بج ٿئيس ٿي ۽ اها هلڪي بادامي (sandy buff) رنگ جهڙي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڇاتي ۽ ٽنگن جا اندريان پاسا ڪريمي سفيد ٿينس ٿا. پڇ ڪارو، ڪن ننڍا ۽ چهنبيارا ٿينس ٿا.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
گدڙ، عام طور تي خشڪ، کليل ريگستاني هنڌ ۽ خشڪ گاهيري زمين پسند ڪن ٿا. جڏهن ته انساني آبادين جي آس پاس به ٿين ٿا. انساني وسندين ۾ راتوڻا ٿين ٿا ته اتي ڏينهن جو به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. عام طور تي جوڙيءَ يا ننڍن ولرن ۾ رمندا رهن ٿا. پنهنجي ولر جي ٻين ساٿين سان اوناڙين ۽ ڀونڪڻ رستي رابطو رکن ٿا.
کاڌو ۽ پئدائش جو طريقو:
ڪهڄر / گند ڪچري ۽ ڍونڍ کانسواءِ ڏيڏرن، نانگ ڪرڙين ۽ ڪوئن کي به کائين ٿا. سال ۾ هڪ دفعو لڳ  ڪن ٿا، مادي 63 ڏينهن ڍڪي رهي ۽ بهار ۽ اونهاري ۾ ٻچا ڏئي ٿي. طُور ۾ 5-7 ٻلونگڙا ڏئي ٿي.
لومڙ Bengal fox (vulpes bengalensis)


مقامي نالو:

لومڙ

حالت:

خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو ڪيٽي بندر ۽ چوٽياريون

 

 

بيان:
لومڙ، عام طور تي خاڪي ته ڪي روپي خاڪي ۽ پيلا خاڪي به ٿين ٿا. هنن جو  پڇ 35-30 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ بُجري ته پڇڙي چٽي ڪاريءَ چوٽيءَ سان ٿئي ٿي. بالغ جانور 45-60 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. نر وزن ۾ 3 ڪلوگرام ته مادي 2 ڪلوگرام کان گهٽ ٿئي ٿي.
جوءِ ۽ سڀاءُ:
عام طور تي ڪوئن / ڪتريندڙن، ڪرڙين، سانڊن ۽ جيتن جهڙوڪ: ماڪڙ، ڪاري ماڪوڙي ۽ وڇون کائي ٿو. موقعي مهل سان هنڌاڻا، گدرا ۽ ڪريل ميوو به کائي وڃي ٿو. سال ۾ هڪ دفعو ٻچا ڏئي ٿو ۽ هر طور ۾ 3-4 بلونگڙا ڄڻي ٿو. مادي 53 ڏينهن ڍڪي رهي ٿي ۽ بهار يا چؤماسي ٻچا ڏئي ٿي.
سياه گوش (Caracal or Desert Lynx Felis caracal)


مقامي نالو:

سياه گوش

حالت:

وڏي خطري ۾

جوءِ:

سنڌو ماحولي خطي جو چوٽياريون

 

 

سياه گوش وچولي سائيز جي ٻلي جيترو ۽ رنگ جو پڪل سر جهڙو ٿئي ٿو. پيٽ ۽ ٽنگن جا هيٺيان حصا هلڪا ناسي (creamy buff) ٿينس ٿا. چپن جي چوگرد وارا حصا ۽ کاڏي سفيد مائيل ٿئيس ٿي. ڏسڻ ۾ زيبائتو ۽ ننڍڙو پڇ کُچَ / پوئين گوڏي تائين رسندڙ ته ڪن ڊگها ۽ نوڪدار ٿئينس ٿا.


جوءِ ۽ سڀاءُ:
راتوڻو هجڻ سبب عام طور تي رات جو شڪار ڪري ۽ ڏينهن جو ٽڪرين جي ڦاٽن ۾ لڪي وڃي ٿو. شڪار ڦاسائڻ ۾ انتهائي ڦڙت ٿئي ٿو. وڻن تي چڙهي آرام ڪندڙ پکين تي جهٽ هڻي ٿو. هوا ۾ ڇلانگ ڏئي پٽ تتر (Sand grouse) ۽ ڳيرو پڪڙي ٿو. هرڻ جي ٻچن جو وڏو شڪاري سمجهيو وڃي ٿو.
کاڌو ۽ پئدائش جو طريقو:
جهنگلي سهو هرڻ جا ٻچا، راتوڻا ڪتريندڙ جانور، پٽ تتر، واهيرو ڪندڙ ننڍا پکي، سرڻا ۽ جيت کائي ٿو. مادي سال ۾ هڪ دفعو لڳ جهلي ٿي ۽ 67-70 ڏينهن ڍڪي رهي ٿي. طور ۾ 2 کان 6 تائين ٻچا ڏئي ٿي.

 

Untitled Document Publications