Untitled Document

ماڻهو (People)

 


تاريخ (History)
سنڌ تي اهو نالو سنڌو درياهه جي ڪري پيو آهي. جڏهن ته ٻي راءِ آهي ته، حام بن نوح عليه السلام جي پٽ ’سند‘ جي نالي پٺيان هي ملڪ سڏجي ٿو. سنڌ جي ڀاءُ هند جي ڪري هند يا هندستان سڏيو ويو. قديم دور ۾ ملڪ کي سنڌو ديش سڏيو ويندو هو. سنڌو اصل ۾ درياهه جو نالو ۽ ديش معنيٰ ملڪ.
عظيم سنڌو تهذيب (Indus Valley Civilization) جو مرڪز سنڌ هئي. هن تهذيب جا اهڃاڻ 300 ق.م ڌاري ملن ٿا. پنج لک (اڌ ملين) ماڻهن تي مشتمل هي علائقو، مڪمل شهري رٿابندي ۽ پاڻي نيڪال سرشتي تي آباد ڪيو ويو. سنڌو ماٿر جو واپار قديم مصر ۽ عراق (ميسو پوٽيميا) سان مکيه بندرگاهن ذريعي ٿيندو هو. قديم مصري سنڌ مان ڪپهه خريد ڪندا هئا. اهي ڪپهه کي ’سِندن‘ يا ’سنڌڻ‘ سڏيندا هئا، جا سنڌ ۾ گهڻي ٿيندي هئي.
سنڌ جي تاريخ قديم ۽ شاهوڪار آهي، 1500 ق.م ڌاري نامعلوم سببن جي ڪري سنڌو ماٿر جي تهذيبن جو دورو پورو ٿيو، هتان کان ڪري 19-518 ق.م وارو دور تاريخي لحاظ کان ڌنڌلو آهي، البت 518 ق.م ۾ سنڌو ماٿر تي ايراني حملي آور ٿيا. 6-325 ق.م ڌاري سڪندر اعظم هن علائقي کي فتح ڪيو. ان کانپوءِ سنڌ مختلف دورن مان گذرندي 550ع ڌاري، پنهنجي آزاد سلطنت قائم ڪري ورتي . شروع ۾ راءِ خاندان ۽ پوءِ برهمڻ گهراڻي حڪومت ڪئي. ملڪ جا چار صوبا هئا ۽ شخنگاه اروڙ شهر هو. ان دور ۾ دنيا جو ڪاروبار ديبل بندر ذريعي هلندڙ هو راءِ ۽ برهمڻ دور ۾ ملڪ سنڌ جون حدون موجوده پاڪستان جي حدن تي مشتمل هيون. آزاد سنڌ جي هي حيثيت 712ع ۾ ختم ٿي، جڏهن عربن ملڪ کي فتح ڪيو.
محمد بن قاسم جي فتح سان 712ع ۾ سنڌ تي عرب راڄ شروع ٿيو. 1010ع ڌاري سومرن ۽ 1350ع ۾ سمن ڄامن جي بادشاهي قائم ٿي جا 1520ع ۾ ختم ٿي . ان عرصي ۾ غزنوي ۽ غوري گهراڻن هند ۽ سنڌ تي حملا ڪيا. 1206ع ۾ دهليءَ ۾ مسلم راڄ قائم ٿيو ۽ مغلن يا بابر جي 1526ع تائين، مختلف خاندانن حڪمراني ڪئي. انهن سنڌ تي حملا ڪيا پر اهي مستقل طرح سان ملڪ کي والاري نه سگهيا. 1520ع ۾ ارغون ۽ 1555ع ۾ ترخان ملڪ جا والي ٿيا. سومرن، سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ٺٽو سنڌ جو تختگاهه رهيو ۽ بندرگاهه لاهري بندر رهيو. 1612ع ۾ مغلن ملڪ تي قبضو ڪيو جو 1737ع تائين جاري رهيو. صوبي جو دار الحڪومت ٺٽو رهيو. 1701ع ۾ اتر سنڌ ۾ هڪ مقامي قبيلو ڪلهوڙا خاندان حڪومت ٺاهڻ ۾ سوڀارو ٿيو، 1737ع ۾ ڪلهوڙن سموري سنڌ تي حڪومت قائم ڪئي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ان دور جا شهر آهن. ڪلهوڙا آبپاشي نظام جا ماهر هئا. 1783ع ۾ ٽالپرن سنڌ تي قبضو ڪيو، ابتدا ۾ ڪلهوڙن جو تختگاهه خدا آباد آباد هو، پوءِ حيدرآباد ٿيو. ٽالپرن، حيدرآباد مان راڄ ڪيو. ارڙهين صديءَ ۾ شاهه بندر ۽ پوءِ ڪراچي سنڌ جو بندرگاهه ٿيو.
1843ع ۾ چارلس نيپيئر سنڌ کي فتح ڪري هندستان سان ملائي ڇڏيو. نيپئر حيدرآباد بجاءِ ڪراچي کي سنڌ جو تختگاهه بنايو. چار سال پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، ان کي ممبئي صوبي جو حصو بنائي گورنر بجاءِ ڪمشنر جي ماتحت ڪيو ويو. 1936ع ۾ عوامي جدوجهد ذريعي سنڌ کي صوبو بنايو ويو. هتي جي مسلمانن قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ته ان جو پهريون تختگاهه ڪراچي مقرر ٿيو، بعد ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهيو ته هڪ ڀيرو وري سنڌ جو صوبائي وجود ختم ٿي ويو. 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي تي سنڌ صوبو بحال ٿيو ۽ اڳ وانگر ڪراچي جو تختگاهه مقرر ٿيو.

 


آدمشماري                  (Population)
آدمشماريءَ جي لحاظ کان سنڌ، پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏيءَ آباديءَ وارو صوبو آهي، جنهن جي آدمشماريءَ جي واڌ جي شرح 2% ۽ ان جي 22 ضلعن ۾ جملي آدمشماري اندازاً 34.231 ملين آهي. سنڌو سڀني لاءِ پروگرام جي سرگرمين جو محور هيٺيان ٽي ضلعا آهن. ضلعي ٺٽي جو ڪيٽي بندر ۽ ڪينجهر ڍنڍ، ضلعي سانگهڙ جو چوٽياريون رزروائر / ڊئم ۽ ضلعي بينظير آباد جو پئي ٻيلو. انهن ٽنهي ضلعن جي پکيڙ ۽ آدمشماريءَ جا انگ اکر هيٺين ريت آهن:

 

سنڌ

بينظير آباد

سانگهڙ

ٺٽو

ايراضي (هم چورس ڪلوميٽر)

140914

4239

10728

17355

جملي آدمشماري

34.231

1135131

1452956

1113194

مرد

18.005

599275

762212

589341

عورت

16.226

535856

690744

523853

آدمشماريءَ جي ڳُت (في هم چورس ڪلوميٽر)

243

240

135.04

64.1

واڌ جي شرح

2

3.09

2.74

2.26

سراسري گهر

6

6

-

5.1

ذريعو: پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، سنڌ سرڪار
ڊبليو ڊبليو ايف جي سنڌو سڀني لاءِ پروگرام وارن خطن جي ڪيل هڪ بيس لائين سروي مطابق انهن خطن جي 50% آدمشماريءَ جي عمر 50 سال ۽ ان کان به گهٽ آهي. 60 سالن کان مٿي عمر جي آدمشماري رڳو 3% آهي . ڪيل پڙتال مان اها خبر پيئي آهي ته اتي، صحت ۽ صفائي جو معيار گهٽ آهي. ملئريا، دستن ۽ چمڙيءَ جون بيماريون گهڻيون عام آهن. جڏهن ته، سرڪاري طور تي حاصل ٿيندڙ صحت جون سهولتون نالي ماتر آهن سواءِ ڪيٽي بندر جي آس پاس وارن علائقن جي.
هلندڙ پروگرام وارن وسندين ۾ مائپي (ويم گهرن) جون ماهرانه سهوليتون موجود ناهن. بيس لائين جاچ مان خبر پئي آهي ته، 76% کان مٿي ويم مقامي دايون ڪرائين ٿيون. جڏهن ته، رڳو 10% ويم ڪنهن ماهر ليڊي هيلٿ وزيٽر جي نگراني ۾ ٿين ٿا. خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ترتيبوار 12% ۽ 9% ويم ٿين ٿا. ابهمن جي موت جي شرح 7% ۽ ويم دوران مائرن جي موت جي شرح اندازاً 1% آهي.

 


سماجي ‐ معاشي حالتون    (Socio-Economic Profile)
سنڌو سڀني لاءِ پروگرام وارن وسندين ۾ في فرد ماهوار سراسري آمدني اندازاً 1,250 روپيا آهي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ سراسري آمدني ڪيٽي بندر جي ( 15,20 روپيا) ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪينجهر (971 روپيا) جي ڄاڻائي ويئي آهي. درجي بنديءَ جي لحاظ کان اڌ کان مٿي (51.2%) گهرن جي حالت مسڪيني واري آهي. جڏهن ته ڪينجهر ۾ اهڙن گهرن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ آهي. رهواسين جي آمدنيءَ جو گهڻو حصو پاڻي خريدڻ ۽ ٻيڙين رستي اچڻ وڃڻ تي خرچ ٿي وڃي ٿو.
انهن علائقن ۾ ڪم ڪار جي لحاظ کان صنفي (عورت مرد وچـ۾) مت ڀيد به زبردست ۽ بلڪل چٽو آهي. جيتوڻيڪ اقتصادي طور تي عورتن جو هڪ اهم حصو آهي، پر تنهن هوندي به سندن پورهيو بي قدريو رهي ٿو ۽ سراسري طور تي عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ 50% گهٽ اجورو ڏنو وڃي ٿو. سندن وسيلن تي نه جهڙو وس هلي ٿو ۽ فيصلن کي مڙيوئي ڪو مان ڏنو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ تعليم کي ترقيءَ جي هڪ مکيه نشاني سمجهيو وڃي ٿو، پر اها به ڪا اطمينان جوڳي ناهي. 15 سالن ۽ ان ڄمار کان مٿي واري آدمشماري اڻ پڙهيل آهي. صنف / جنس جي لحاظ کان تعليم حاصل ڪرڻ جو به هڪ وڏو تفاوت موجود آهي. تعليم جي لحاظ کان، وڌ ۾ وڌ تعليمي شرح شهيد بينظير آباد ضلعي جي اندازاً 34.13% ، سانگهڙ جي 30.87% ۽ ٺٽي جي 30.4% آهي.
سنڌي سماج، فطرتاً پراڻ پسند هجڻ سبب عورت جو گهر کان ٻاهر محدود ڪردار آهي. نوجوان ڇوڪرين کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڪونهي ۽ کين برقعو پائڻو پوي ٿو. اهي عام طور تي گهر ۾ رهن ٿيون، ننڍن ڀائرن ڀينرن جي سنڀال ڪن ٿيون ۽ گهريلو ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائين ٿيون. ننڍي عمر ۾ شادين جو به عام رواج آهي. ننڍي ۾ ننڍي 7 سالن جي ڇوڪريءَ جي ۽ وڏي ۾ وڏي 10 سالن جي ڇوڪر سان ڪرائي وڃي ٿي. شادين جهڙين ڳالهين جو عام طور تي فيصلو والدين يا وڏا ڪن ٿا ته ڪن حالتن ۾ ڇوڪرين جي قسمت جو فيصلو سندن ڄمڻ کان اڳ ئي ڪيو وڃي ٿو.

 


تهذيبي ورثو (Cultural Heritage)
سنڌ صوبو، پاڪستان جي ٻين صوبن کان جاگرافيائي طور تي منفرد هجڻ سبب، ان جي پنهنجي جداگانه تهذيب آهي جيڪا موسيقي، شاعري ۽ ادب سان مالامال آهي.
سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي ۽ قديم پراڪرت سان گهڻي ويجهي، سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ پاڪستان جي ٻيو نمبر وڌ ۾ وڌ ڳالهائجندڙ ٻولي آهي.
سنڌ، دنيا جي ٻن تهذيبي ورثن جو گهر به آهي جنهن مان هڪ موهن جو دڙو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپر سان ۽ ٻيو مڪلي ٺٽي ضلعي ۾ آهي. انهن کانسواءِ ٺٽي، شڪارپور، سکر، بکر، روهڙي ۽ حيدرآباد شهرن ۾ ملڪ جون وڌ ۾ وڌ پراڻيون عمارتون ۽ مقبرا موجود ۽ اهي سنڌ صوبي جي شاهوڪار تاريخ هجڻ جون شاهد آهن.

سنڌ جا ماڻهو ڪيترن هنرن ۽ فنن جا به ماهر آهن . . . . .
سنڌ ۾ ڪيترائي لوڪ ميلا به ٿيندا رهن ٿا جيڪي سنڌي ثقافت جو هڪ حصو آهن. اهڙو هڪڙو ڏسڻ جهڙو ميلو حاجي ابراهيم جي مقبري تعلقي شاهه بندر ضلعي ٺٽي ۾ هر سال ٿيندو رهي ٿو. اهڙو ٻيو مشهور ميلو سيوهڻ ۾ شهباز قلندر جو ٿئي ٿو. شهباز قلندر هڪ مشهور اولياءُ هو. ٻيا مکيه صوفي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم بلاول، سچل سرمست ۽ قادر بخش بيدل ٿي گذريا آهن.
عام طور تي ٻيلهاڙو، اٽي ڏڪر ۽ ٺڪريءَ راند / تاپوءَ سنڌ جون مشهور رانديون آهن. جڏهن ته امير ماڻهو باز پالڻ، شڪار ڪرڻ ۽ گهوڙي سواريءَ رستي پنهنجو وقت گذارين ٿا.

 


پيٽ گذر ۽ وسيلا (Livelihoods)
سنڌو سڀني لاءِ پروگرام وارن خطن جي آسپاس رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ گذارڻ جو رڳو ۽ رڳو مدار قدرتي وسيلن تي ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو، زراعت ۽ مڇيءَ مارڻ جي ڪرت سان رڌل رهن ٿا يا پورهيو ڪارهيو ڪندا رهن ٿا.
ڪيٽي بندر، ڪينجهر ۽ چوٽيارين جي چوگرد رهندڙ ماڻهن جي گهڻائي جي آمدني جو مکيه ذريعو مڇي مارڻ آهي. ان کانپوءِ ٻيو وڏو پيشو پنهنجي زمين کيڙڻ يا ٻئي ڪنهن جي زمين تي هارپ ڪرڻ آهي. پئي ٻيلي ۾ ماڻهن جي گهڻائي زراعت سان لاڳاپيل يا وري مال پالڻ سان مشغول رهي ٿي. روايتي طور تي گهڻا ماڻهو مال پالين ٿا. جڏهن ته ڪيترن سالن کان پاڻيءَ، چراگاهن ۽ ٻيلن جي ٿيندڙ گهٽتائي، سبب زراعت تي وڌيڪ توجهه ڏنو وڃي ٿو. چوٽياريون ۽ ڪينجهر جي وسندين جا ماڻهو مال پڻ پالين ٿا.
هن خطي جا ماڻهو ڪيترن سالن کان وٺي قدرتي وسيلن جي تباهيءَ سبب آمدني جي وڏي خساري سان منهن ڏيندا رهيا آهن جنهن جو مکيه سبب قدرتي وسيلن جي بد انتظامي ۽ هيٺيان ڪارڻ آهن:
جهنگلي جيوت جو غير قانوني شڪار
جاندارن جون جارح جنسون
جاندارن جي قدرتي جوئين ۽ ماڳن تي قبضا
سٺي حڪمراني / انتظام نه هجڻ
قدرتي وسيلن جي معقول طريقي سان استعمال ڪرڻ جي گهٽ ڄاڻ / سمجهه نه هجڻ
تحفظ ڏنل ماڳن ۾ بد انتظامي
زمين جي کاڌ
مالڪيت جي احساس جو نه هجڻ
ٻيلن جي زمين تي قبضا
حد کان وڌيڪ مڇي مارڻ
مٿين مسئلن جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهو، گذر سفر ڪرڻ لاءِ نعم البدل وسيلا ڳولهڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته، عورتون ڀرت ڀرڻ، مڇيءَ جا ڄار ٺاهڻ ۽ جهنگلي گاهه پٺو وغيره گڏ ڪرڻ رستي گهر جي خرچ جي پورت ڪنديون رهن ٿيون. ڪيترين حالتن ۾ ڪٽنب مال وڪڻڻ، قرض کڻڻ لاءِ مجبور ٿين ٿا ۽ ائين اهي غربت ۾ گهاڻي ۾ وڌيڪ پيسبا رهن ٿا.

Untitled Document Publications