Untitled Document
24-6-2011

چوٽياري ۾ فطرتي ميلو

سانگهڙ 24 جون: انڊس فار آل پروگرام _ ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان پاران چوٽياري ڪنزرويشن  جي سهڪار سان  سانگهڙ ۾ ميلو لڳايو ويو. هي ميلو چوٽياري  ڪنزرويشن  ۽ انفارميشن  سينٽر تي منعقد ڪيو ويو. هن ميلي  ۾ مقامي ماڻهن  لاءِ نه صرف تفريح جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو، پر ان کان علاوه  انهن کي گوناگو جيوت ۽ چوٽياري  ويٽلينڊ ڪامپليڪس  جي منفرد ماحولياتي نظام بابت معلومات  پڻ فراهم ڪئي وئي. ميلي تقريب ۾ اٽڪل 15 سئو ماڻهن شرڪت ڪئي  جن ۾ مهاڻا، هاري ۽ ڌنار پڻ شامل هئا. تقريب جي شروعات بقارڍنڍ ۾ ترڻ جي مقابلي  سان ڪئي وئي. هن ڍنڍ کي هينئر چوٽياري رزروائر جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.جيڪا تقريبن 1800 هيڪٽرن تائين ڦهليل آهي. جيئين ئي تقريب شروع ٿي ته  ماڻهن جو تعداد  وڌڻ لڳو  جيڪي پنهنجي ٻارن کي ساڻ ڪري  ميلي جي رنگا رنگي  موقعي تي تمام گهڻو خوش نظر پئي آيا. ميلي تقريب ۾ ٻيڙيون ڊوڙائڻ، ٻلهاڙوراند ،ٿيٽر پرفارمنس  ۽ صوفين جو راڳ پڻ ڪرايو ويو. تقريب دوران “سنڌو هميشه وهندي رهي” واري ڊاڪومينٽري ڏيکاري وئي. جنهن ۾ سنڌو  جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو هو.

ان موقعي تي انڊس فارآل پروگرام  جي پروگرام ڪو آرڊينيٽر  محترم ناصر علي پنهور چيو ته هن ميلي  ۾ ايڏي وڏي  پئماني تي مقامي ماڻهن جي شرڪت  مان ظاهر ٿئي ٿو ته غربت جو شڪار هي ماڻهو تفريح  ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا. ۽ قدرتي وسيلن جي تباهي  عام ماڻهو کي  هن ميلي طرف متوجهه ڪيو آهي.

ان تقريب دوران چوٽياري سائيٽ مينيجر  محترم ظفر علي ٽالپر  انڊس ايڪوريجن  ۽ چوٽياري  ويٽلينڊ  ڪامپليڪس  جي اهميت تي روشني وڌي.هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گوناگو جيوت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ  مقامي ماڻهن جي شرڪت  کي يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته  چوٽياري رزروائر  جي ڀرپاسي ۾ آباد مقامي آبادين جي  جياپي  لاءِ ضروري آهي ته  فطرتي  وسيلن ۽  گوناگو جيوت  جو تحفظ ڪيو وڃي.

 ان موقعي تي  چوٽياري ڪنزرويشن فورم جي صدر محترم  مجيد مڱريو  پڻ خطاب ڪيو. ميلي تقريب دوران  مقامي صحافين کي فطرتي وسيلن جي تحفظ  کي اجاگر ڪرڻ تي شيلڊون پيش ڪيون ويون.ترڻ ،ٻيڙين ڊوڙائڻ ۽ ٻلهاڙو راند کيڏندڙن ۾ پڻ انعام ورهايا ويا.

 ميلي تقريب دوران مشهور  راڳي محترم الله ڏنو  خاصخيلي  ۽ مولا بخش سنگهرائي لوڪ  موسيقي ذريعي  ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

  ----------------

 

Untitled Document Publications